دڪانن مان چوري جي الزام تي نيوزيلينڊ جي پارليامينٽ ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

آڪلينڊ (م ڊ ) نيوزيلينڊ جي گرين پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر مقامي دڪانن ۽ بوتيڪ مان مبينا چوري جي الزام تي پارليامينٽ  جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب پارليامينٽ ميمبر گلريز گھاراهمن تي ٽي ڀيرا وڏن بوتيڪ جي دڪانن تان شيون چورائڻ جا الزام لڳايا ويا هئا. گلريز گھاراهمن پنهنجي بيان ۾ الزام جو جواب ڏيڻ کانسواءِ چيو ته ذهني مسئلن ۽ دٻاءَ سبب هن کان اِها غلطي ٿي هئي اُها منهنجي ڪردار سان هڪجهڙائي نٿي رکي. هن چيو ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کان بهترين رويي ۽ طرز عمل جي اميد رکندا آهن ۽ آئون سندن اميدن تي پوري نه لهي سگھيس.

جي يو آءِ شيراني جو پي ٽي آءِ سان اتحاد ختم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) شيراني گروپ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان اتحاد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جي يو آءِ شيراني گروپ  جي ترجمان موجب پي ٽي آءِ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون بنا نتيجن جي رهيون. هن چيو ته چونڊن کان علاوه پي ٽي آءِ سان سياسي رابطا جاري رهندا. ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ چونڊن جي معاملي تي سنجيدگي نه ڏيکاري.

اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ نشان تبديل نه ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي چونڊ نشانن ۾ تبديلي کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن صوبائي اليڪشن  ڪمشنرن، ضلعي رٽرننگ آفيسرن ۽ ريٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو چونڊ نشان تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪن. اليڪشن ڪميشن صوبائي اليڪشن ڪمشنر، ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊ نشان تبديل ڪرڻ ضروري آهي ته پهريان ڪميشن کان اجازت ورتي وڃي. اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي شروع ٿي چڪي آهي ان ڪري چونڊ نشان جي تبديلي ممڪن ناهي.

طيبه گل هراسان ڪيس، اڳوڻو نيب چيئرمين ذاتي حيثيت ۾ طلب

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي محتسب اينٽي هراسمينٽ جي چيئرپرسن فوزيه وقار طيبه گل هراساني ڪيس جي ٻڌڻي تي اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. نيب جي اڳوڻي چيئرمين جاويد اقبال ۽ ٻين خلاف طيبه گل جي شڪايت تي وفاقي محتسب اينٽي هراسمينٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. وفاقي اينٽي هراسمينٽ محتسب جي چيئرپرسن فوزيه وقار ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وفاقي محتسب جو چوڻ آهي ته جمع ڪرايل ڇوٽ واري درخواست ۾ جاويد اقبال کي 10 ڏينهن آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. طيبه گل چيو ته ايندڙ تاريخ رکو جڏهن جاويد اقبال صحتياب ٿيندو، منهنجي ڪيس جي مرڪزي جوابدار جاويد اقبال ۽ عمران ڏوگر کي گهرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.