میھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل کي 6 سال مڪمل ، 6 سالن ۾ ڪيس مختلف عدالتن ۾ منتقل ٿيندو رھيو. مقتول جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن. ميھڙ ۾ قتل ٿيل ام رباب جي والد ، ڏاڏي ء چاچي اڳوڻي يو سي چيئرمين ڪرم الله چانديو ، تمندار رئيس مختيار چانڊيو ۽ اڳوڻو ضلع ڪائونسل ميمبر قابل چانڊيو جي قتل واري واقعي کي 6 سال مڪمل ٿي ويا آھن پر ان باوجود مقتولن جي قتل ڪيس جو فيصلو نه ٿي سگھيو آھي مقتولن جو قتل ڪيس نوشھرو فيروز ، دادو ، سکر , ميرپور ماٿيلو جي عدالتن ۾ منتقل ٿيندو رھيو آھي پر ھن وقت تائين ڪيس جو فيصلو ناھي ٿي سگھيو مقتولن جي وارث ام رباب چانڊيو انصاف لاء عدالتن جا چڪر ڪاٽيندي رھي آھي ام رباب چانڊيو پاران بار بار عدالتن تي يقين جو اعلان ڪندي چوندي رھي آھي ته اسان جي ڪيس جي فيصلي ۾ دير ڪئي پئي وڃي پر انصاف ضرور ملندو. ام رباب چانڊيو پاران اڄ پنھنجي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي ورسي جي موقعي تي ڪراچي جي ھڪ ھوٽل تي سرداري نظام خلاف سندس لکيل ڪتاب آذان انقلاب جي مھورت ٿيندي مھورت واري تقريب ۾ سنڌ جي مختلف سياسي ، سماجي ، ادبي شخصيتن کي مدعو ڪيو ويو آھي. ميھڙ: ام رباب چانڊيو جي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ پ پ پ جا اڳوڻا ايم پي اي نواب سردار احمد چانڊيو ، نواب برھان خان چانڊيو ،.مرتضي چانڊيو ، سڪندر ، علي گوھر،ذوالفقار چانڊيو ۽ فريدآباد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جوابدار آھن جن مان جوابدار مرتضي ، سڪندر ، علي گوھر ، ذوالفقار جيل ۾ آھن جڏھن ته سردار خان چانڊيو ، برھان خان ۽ ڪريم چانديو ضمانت تي آھن.
سردارن تي ڪيس سبب ڇڪتاڻ، ام رباب جا هراساني جا الزام
ميھڙ: ام رباب چانڊيو جي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جو قتل ڪيس ھن وقت سيشن ڪورٽ دادو ۾ ھلي رھيو آھي جتي قتل ڪيس ۾ ڏيکاريل شاھد ، مشيرن جا بيان قلمبند ٿي رھيا آھن. ميھڙ ام رباب چانڊيو جي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل جو الزام چانڊيہ برادري جي سردارن تي ھجڻ سبب ڌرين ۾ سياسي ڇڪتاڻ به ٿيندي رھي آھي نواب سردارن پاران ميھڙ ۾ اچڻ ۽ سياسي سرگرمين بابت ام رباب مٿن هراسان ڪرڻ جو الزام هڻندي رھي آھي ام رباب چانڊيو جو چوڻ آھي ته اسان جو ڪيس ذاتي نه سمورن مظلومن جو ڪيس آھي منھنجي جنگ سرداري نظام خلاف آھي عدالتن تي يقين آھي ھڪ ڏينھن انصاف ضرور ملندو.