الاصف وٽ حددخليون، چونڊون ضروري آهن پر قبضا ختم ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)  سپر هاءِ وي ايم نائن الاصف کان ٽول پلازه تائين حددخليون هٽائڻ  واري ڪيس ۾ عدالت لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، الاصف کان ٽول پلازه تائين حددخليون ختم ٿيون يا نه؟ عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي ناظر کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ناظر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته ناظر سنڌ هاءِ ڪورٽ الاصف کان حبيب ريسٽورنٽ تائين حددخلين جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪري، عدالت چيو ته ڊپٽي ڪمشنر اوڀر سميت سمورين ڌرين جي موجودگيءَ ۾ جاچ ڪرائي وڃي، ناظر سنڌ هاءِ ڪورٽ حددخلين جو جائزو وٺي ستن ڏينهن ۾ تصويرن سميت رپورٽ پيش ڪري، عدالت چيو ته ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي ڪنھن به صورت ۾ امن امان جي صورتحال خراب نه ٿيڻ ڏين، ان موقعي تي درخواستگذار جو چوڻ هو ته  ال آصف اسڪوائر تان حددخليون هٽائڻ بابت ڊپٽي ڪمشنر جي رپورٽ غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهي، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جي رپورٽ موجب جمالي پل کان بادشاهه هوٽل جون حد دخليون ختم ڪرايون ويون آهن، الاصف اسڪوائر کان حبيب هوٽل تائين ٻنهي طرفن کان حددخليون ختم ڪيون ويون آهن، ڊي سي اوڀر موجب علائقي ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن کي به اتان لڏائڻو آهي، جسٽس نديم اختر چيو ته ٻوڏ متاثرن جو معاملو تمام پراڻو ٿي ويو آهي، ڊي سي ايسٽ چيو ته ٻوڏ ختم ٿي وئي پر متاثر واپس نه ويا آهن، جسٽس نديم اختر چيو ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان حددخليون ڪيتري ڏينهن ۾ مڪمل ختم ٿينديون؟ ڊي سي موجب 8 هفتن جي مهلت ڏني وڃي، ٽيمون اليڪشن ۾ مصروف آهن، جسٽس نديم اختر موجب چونڊون ضروري آهن پر حددخلين جو خاتمو به تمام ضروري آهي، عدالت چيو ته ڊگھي تاريخ نٿا ڏئي سگهون، حددخلين کي جلد هٽايو وڃي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.