خاندانن جي حڪمراني ڪندڙن جا رستا بند ٿي چڪا آهن: سراج الحق

لاھور(پ ر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته سالن کان خاندانن جي حڪمراني ۽ واري واري تي هلي حڪومت ڪندڙن جا رستا  بند ٿي چڪا آهن. عوام هوشيار ٿي ويو آهي. عوام کي اقتدار منتقل ڪرڻ تي هنن حڪمرانن کي خوف ٿو لڳي. هن چيو ته جماعت اسلامي استحڪام ۽ امن جو رشتو پولنگ اسٽيشن تان گذري ووٽ ذريعي ئي ممڪن آهي.هن چيو ته سينيٽ ۾ اليڪشن متعلق قرارداد جو ڪا به اهميت نه آهي. ان سان ايوان جو تقدس پائمال ٿئي ها. هن چيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي ملڪ کي مظبوط معشيت کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ بي روزگاري کي ختم ڪري نوجوانن کي روزگار ڏيندي مهنگائي کي ختم ڪري عوام کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته جماعت اسلامي هميشه حق سچ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي. عوام 8فيبروري تي صرف ۽ صرف تارازي کي ووٽ ڏئي نا اهل حڪمرانن مان جان آجي ڪرائي. هن پنهجي چونڊ تڪ 6ثمر باغ ۾ خطاب ڪندي چيو ان موقعي تي ڪيترا ماڻهو جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اسان ڪامياب ٿي ملڪ کي پنهجي پيرن تي بيهاري والاريل ڪشمير سميت فلسطين جي عوام جي فلاح بهود ۽ انهن جي ترقي لاءِ ڪم ڪنداسين هن چيو ته 8فيبروري نا اهل حڪمرانن جي شڪست جو ڏينهن آهي عوام تراجي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.