ڪراچي (رپورٽر) اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سان ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر ۽ خانگي ٽي وي جو ڪراچي بيورو هيڊ شعيب برني زخمي ٿي پيو، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. ڪراچي پريس ڪلب شعيب برني تي حملي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪندي ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. تفيصل موجب ڪراچي ۾ راشد منهاس روڊ تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سان شعيب برني زخمي ٿي پيو هو. پوليس ٻڌايو ته جڏهن شعيب برني شادي جي تقريب ۾ هال وڃڻ لاءِ گاڏي تان لهي رهيو هو ته انهي وقت موٽر سائيڪل تي سوار ٻن اڄڻڄاڻ مانهن شعيب برني جي گاڏي تي فارئنگ ڪئي. جنهن سان هو زخمي ٿي پيو، شعيب برني کي ترت گلشن اقبال خانگي اسپتال پهچايو ويو. ڊاڪٽرن مطابق شعيب برني کي هٿ ۾ گولي لڳي آهي ۽ حالت خطري کان ٻاهر آهي. ڪا شئي کسي ناهي وئي، واقعو ظاهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي ٿو. جڏهن ته فائرنگ واقعي جي جاچ شروع ڪئي آهي. آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ويسٽ کان رپورٽ گهري ورتي آهي. ڪراچي جي صدر سعيد سربازي، نائب عبدالرشيد ميمڻ ۽ سيڪريٽري شعيب احمد شعيب برني تي حملي جي سخت لفظن مذمت ڪندي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافي شعيب برني تي حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شعيب برني تي حملي تي سخت ڳڻتي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هن حملي ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪن، صحافي برادري تي ٿيندڙ هر حملو حق ۽ سچ تي حملو آهي. حملي ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪرڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي.