ڪراچي: شهري جو موت، ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي کي هٽايو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صدر جي اڳوڻي سي آءِ اي سينٽر ۾ پوليس جي اسپيشل انويٽيگيشن يونٽ( ايس آءِ يو ) ۾ تشدد سان  جوابدار جي  موت تي آءِ جي رفعت مختار راجا، ايس آءِ يو پوليس جي ايس ايس پي خلد مصطفي ڪورائي کي هٽائي ڇڏيو، خالد مصطفيٰ ڪورائي کي سينٽرل پوليس آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. جڏهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند ايس آءِ يو جي ڊي ايس پي سعيد احمد رند ۽ ايس ايڇ او سيد عتيق حسين شاهه کي عهدن تان معطل ڪري بدلي به ڪيو ويو، ايس ايڇ او کي گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ جڏهن ته ڊي ايس پي کي ڪراچي پوليس آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن مطابق جوابدار نظام الدين جي تحويل ۾ موت جي الزام ۾ اي ايس آءِ ساجد ۽ شاداب کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن کي 12 جنوري تي منگهو پير ۾ ان جي گهر  مان تحويل ۾ ورتو ويو هو. پوليس پاران جوابدارن کي هٿ ڪڙي هڻي ان جي گهر جي تلاشي به ورتي وئي هئي. ايس آءِ  يو سينٽر ۾ جاچ دوران جوابدار پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويو هو. پوليس اهلڪارن مجرماني غفلت ڪندي واقعي کي لڪايو ۽ حراست ۾  ورتل   نظام الدين جو لاش منگهو پير ۾ ان جي گهر ويجهو اچلائي ڇڏيو. شروعاتي جاچ دوران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڪارروائي ڪئي.پوليس جي خلاف فوتي جي ڀاءُ قيام الدين جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ذريعن مطابق فوتي جوابدارن نظالم الدين دهشتگردي روڪٿام جيڪيسن ۾ ملوث هو ان جي خلاف مذهبي دهشتگردي، اغوا عيوض ڀنگ ۽ ڀتي خوري ۽ ٻين ڏوهن جا ڪيس به داخل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.