سمورن اميدوارن خلاف اعتراض ڪندڙ علي حسن زرداري جو ملازم نڪتو

ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ، ق ليگ، جي ڊي اي ۽ آزاد  اميدوارن جي رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي،  چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ٻڌڻي دوران حيران ٿيندي پڇاڻو ڪيو ته هي غلام مرتضيٰ سڀني اميدوارن خلاف اعتراض ڪندڙ ڪير آهي؟ چيف جسٽس چيو ته غلام مرتضيٰ کي ڳوليو، غلام مرتضيٰ ڪير آهي؟ ڪنهن جي سامهون آهي؟درخواستگذار جي وڪيل چيو ته غلام مرتضيٰ  پيپلزپارٽي اميدوار علي احسن زرداري جو ملازم آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته غلام مرتضيٰ جي اعتراض تي علي احسن زرداري خلاف سمورن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، هن چيو ته غلام مرتضيٰ عدالت ۾ آيو هو، ٿي سگهي ٿو ٻاهر آهي، چيف جسٽس چيو ته هن کي سڏيو جيڪو هو چاهي ٿو؟ ڇا هن پنهنجي تڪ مان ڪا به اليڪشن نه وڙهي آهي،  ٻڌڻي دوران غلام مرتضيٰ جي تلاشي ورتي وئي، پي ايس 76 جي اميدوارن جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، عدالت رٽرننگ آفيسر کي آزاد اميدوار عبدالرزاق جي ڪاغذن جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پي ايس 76 جي پ پ اميدوار پهلوان علي شاهه جي درخواست تي ڌرين کي 17 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو، رٽرننگ آفيسر کي ن ليگ اميدوار عبدالجبار جي نامزدگي ڪاغذن جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.