هر پارٽي کي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اجازت هجڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هن وقت چونڊن ۾ مقابلو لاڏلي ون ۽ لاڏلي ٽو ۾ آهي، هر سياسي  پارٽي کي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، مسلم ليگ ن جي پاليسي کي ماڻهو ناپسند ڪن ٿا، مسلم ليگ ن اُنهن ڪمن جو ڪريڊٽ به کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪي ڪم هُن ڪيا ئي ناهن، پاڪستان  بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ کي ايٽمي قوت شهيد ذوالفقار علي  ڀٽو پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي بڻايو پر مسلم ليگ ن ان جو ڪريڊٽ به کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ملڪ کي سي پيڪ جو تحفو آصف علي زرداري ڏنو، مسلم ليگ ن ان جو به ڪريڊٽ پنهنجي کاتي ۾ آڻڻ چاهي ٿي، سڀاڻي مسلم ليگ ن اهو به چئي سگهي ٿي ته پاڪستان انهن ٺاهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿرڪول جو منصوبو شهيد بي بي شروع ڪيو، نواز شريف ٿر ڪول منصوبو بند ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ ن ٿرڪول جو ڪريڊٽ به کڻڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي سينئر صحافي شعيب برني تي فائرنگ ۽ سندس زخمي ٿيڻ جي مذمت ڪندي نگران حڪومت کان جوابدارن جي ترت گرفتاري جو به مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.