سنڌ جون نياڻيون ۽ نوجوان اڳتي اچي تبديلي لاءِ روشني جو ڏيئو ٻارن: زين شاهه

سڪرنڊ ) رپورٽ : لطيف جمالي ) ايس يو پي صدر ۽ جي ڊي اي طرفان اميدوار سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ جون نياڻيون ۽ سنڌ جا نوجوان  تبديلي لاءِ اڳتي اچي روشني جو ڏيئو جلائين، جيئن سنڌ مان اونداهه جو خاتمو ٿي سگهي ۽ ڪرپشن ڪندڙ سياستدانن کي گهر ڀيڙو ڪري سگهجي. سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ چوٿون ميل اسٽاپ تي اليڪشن مهم جي حوالي سان جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.جلسي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته  قومي اسيمبلي هجي يا سينيٽ سنڌ جي چونڊيل ميمبرن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن پاڻي جي کوٽ ، سنڌ جي زمينن تي قبضا ، معدني وسيلن تي قبضن تي ڪڏهن به لفظ نه ڳالهايو سندن وات هميشه سبيل رهيا. زين شاهه چيو ته ڪجهه طاقتور قوتون سنڌ ۾ 15 سال حڪمراني ڪندڙ بي ايمان سياستدانن جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. سياست جي نالي تي بي ايماني ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي زمين ڀڳڙن مٺ وڪڻي وئي. سنڌ جا ماڻهو اڳتي اچن جي ڊي اي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪن جيئن ملڪ لٽيندڙن کي هميشه لاءِ دفن ڪري سگهجي. ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر ۽ جي ڊي اي پاران نامزد اميدوار چوڌري عارف آرائين چيو ته پ پ حڪمرانن ترقي جي نالي تي اربين ، کربين روپين جي ڪرپشن ڪئي. ڇهه ارب روپيا ڪتا خصي ڪرڻ لاءِ جاري ڪري پنهنجن ئي ماڻهن کي ٺيڪو ڏنو ويو. سنڌ جو جڏهن به ڏکيو ڏينهن آيو ته سورهيه بادشاهه ۽ فقير مهاڏو اٽڪايو. ان موقعي تي ڊاڪٽر منظور خشڪ، فقير علي حسن سنجراڻي، ايس يو پي تعلقي صدر ايوب کوسو، چنڱل خان انڙ، نظام الدين سنجراڻي، قاسم سومرو ، عبدالمالڪ نوناري، زاهد انڙ، ليکڪ غلام حسين جوڻو، وارث نوناري  ۽ ٻين جلسي کي خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.