ڪراچي ۾ ٻار سان گڏ ويندڙ عورت کي هراسان ڪرڻ جو ٻيو واقعو

ڪراچي (رپورٽر ) شهر جي علائقي نارٿ ڪراچي سيڪٽر ايڪس آءِ اي ۾ روڊ تي هلندڙ عورت سان بدتميزي ۽ هراسان ڪرڻ جو ڪيس سرڪاري  فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مون موبائيل تي سي سي ٽي وي جي وڊيو ڏٺي. ڪئميرا فوڪل پرسن ڪانسٽيبل شاهه مير جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته واقعو 11 جنوري تي منجهند 2:30 وڳي پيش آيو، جنهن ۾ پينٽ شرٽ پهريل هڪ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار سرڪاري گهٽي ۾ ٻار سان گڏ ويندڙ عورت سان نازيبا حرڪت ڪئي ايف آءِ آر ۾ لکيو ويو آهي ته نامعلوم نمبر پليٽ واري موٽرسائيڪل سوار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ 17 ورهين جي نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.