پي ٽي آءِ پاران بيٽ جو چونڊ نشان نه ملڻ جي صورت ۾ پلان بي تيار

اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو عام چونڊن لاءِ پلان بي سامهون اچي ويو آهي. پلان بي موجب جيڪڏهن بيٽ جو چونڊ نشان نه  مليو ته پي ٽي آءِ ٻي پارٽي جي نالي ۽ نشان تي اليڪشن وڙهندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي اميدوارن کي ٻه ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن، هڪ پي ٽي آءِ ۽ ٻي خالي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي بيٽ پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان هوندو يا نه؟ اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جو بيٽ جو انتخابي نشان ٺهي ٿو ته کين ڏيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ٻڌڻي اڄ صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.