پي ٽي آءِ شيخ رشيد سامهون پنهنجو اميدوار بيهاري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) قومي اسيمبلي لاءِ پنهنجي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ  انصاف به شيخ رشيد خلاف پنهنجو اميدوار بيهاريو آهي، شيخ رشيد جي مقابلي ۾ شهريار رياض کي اين اي 56 تان ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پي ٽي آءِ شيخ رشيد جي ڀائٽي شيخ رشيد شفيق کي ٽڪيٽ نه ڏني. پاڪستان تحريڪ انصاف اين اي 57 تان سمابيه طاهر کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، عامر مسعود مغل کي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 46 اسلام آباد مان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شعيب شاهين کي تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. شعيب شاهين اين اي 47 اسلام آباد تان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.