ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند جو پوليس کاتي جي موجود ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، سٽي ڊسٽرڪٽ پوليس رسالا ٿاڻي جي انويسٽيگيشن آفيسر انسپيڪٽر اڪبر حسين ۽ اي ايس آءِ عبدالرحمان کي معطل ڪرڻ بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ايس پي لياري ڊويزن کي به ٻنهي اهلڪارن خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند اهڙن سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي جيڪي پوليس کاتي جي بدنامي جو سبب بڻجن يا جن جي عملن سان عوام ۾ پوليس بابت ناڪاري تاثر پيدا ٿئي، ياد رهي ته هن هفتي دوران ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پاران سٺي ڪم ڪرڻ تي ڪيترن ئي آفيسرن کي انعام ڏنا ويا جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي اهلڪارن کي سزائون پڻ ڏنيون ويون. جن ۾ ايس ايڇ او سائٽ سپر هاءِ وي ٿاڻو ۽ ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ کان علاوه هيڊ محرر سپر مارڪيٽ ۽ ٻيا اهلڪار ۽ گڏاپ ٽائون ٿاڻي جو اي ايس آءِ امير بخش به شامل آهي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جو چوڻ آهي ته پوليس جو ڪم سماج ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي ۽ جيڪي به پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪن ٿا انهن کي ڪراچي پوليس جو حصو نه رهڻ ڏنو ويندو.