سيوهڻ ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوتين جو انگ 4 ٿي ويو

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ ) سيوهڻ تعلقي جي کيرٿر جابلو پٽي ۾ واقع نئينگ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نغاول ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب ڪولھي برادري جا وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ، فوتين ۾ ڪيول  ڪولهي، جيوڻ ڪولهي، هري ۽ هيرو ڪولهي شامل آهن، جڏهن ته وصو ڪولهي ۽ وشنا ڪولهي سميت 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين سيوهڻ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، چار ڄڻن جي فوت ٿيڻ سبب متاثر خاندان جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، ڊاڪٽرن موجب شراب ۾ زھريلو اسپريٽ مليل ھو جيڪو پيئڻ سان انهن جي حالت خراب ٿي،  فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو، ٻڌايو پيو وڃي ته بدين واسي ڪولهي برادري جا ماڻهو سيوھڻ تعلقي جي ڳوٺ نغاول ۾ مقامي زميدار جي زمين تي ھارپو ڪري گذرسفر ڪندا آهن ۽ اھي پنهنجي برادري جي ماڻهن جي شادي ۾ شريڪ ٿيا ته اتي ھنن ڪچو شراب واپرايو جنهن جي نتيجي ۾ 7 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي جنهن مان 4 ماڻهون فوت ٿي ويا، ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.