اميد آهي ته پاڪستان ۾ شفاف چونڊون ٿينديون:يورپي يونين جي سفير

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪوينڪا اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ مهيني ٿيندڙ عام چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون.جيو نيوز جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي  پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير چيو ته پاڪستاني واپارين لاءِ سرجيڪل اوزار ۽ راندين جو سامان يورپي ملڪن موڪلڻ جا موقعا موجود آهن، عورتن لاءِ اضافي مراعتن تي غور ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته پاڪستاني واپاري برادري ۽ ڪاروباري تنظيمن سان واپار ۾ موقعن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جي ايس پي پلس هڪ خودمختيار واپاري رعايت آهي، پاڪستاني واپاري يورپي يونين کي ڊيوٽي فري سامان موڪلي سگهن ٿا.ڊاڪٽر رينا ڪوئنڪا جو چوڻ آهي ته 2024ع ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، هن سال 2 ارب ماڻهو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.هن چيو ته گذريل چئن چونڊن ۾ اسان آزاد مبصر موڪليا هئا، پاڪستان ۾ چونڊ مهم هلندڙ آهي، هن ڀيري به آزاد مبصر موڪلينداسين، اميد آهي ته پاڪستان ۾ عام چونڊون شفاف ٿينديون، اهو فيصلو ٿيڻ گهرجي. ته عوام  ڪنهن کي چونڊي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.