ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف ٽن اڳواڻن جا نامزدگي فارم بحال ڪندي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪراچي جي اين اي 241 تان تحريڪ انصاف جي اميدوار ۽ صدرپاڪستان جي پٽ اواب عارف علوي، خرم شير زمان ۽ مزمل اسلم جا نامزدگي فارم منظورڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو، اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي شهري دوست محمد چئلينج ڪيو هو، چيف جسٽس ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته درخواستگذار دوست محمد ڪير آهي، وڪيل چيو ته دوست محمد هڪ محب وطن پاڪستاني آهي ان جو مقصد ڪرپٽ ماڻهن جو اسمبيلي وڃڻ کان روڪڻ آهي، چيف جسٽس چيو ته سٺي ڳالهه آهي اسان جي به ملاقات ڪرائي وڃي، عدالت اين اي 236 تي عالميگر خان کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙو تماشو لڳايو ويو آهي اهڙي طرح چونڊون ڪرايون وينديون، جڏهن ته پي ايس 75ٺٽي کان تحريڪ انصاف اميدوار سيد امجد حسين شاهه کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي.