پي ايس 39 تي پيپلزپارٽي اختلافن جو شڪار، اسماعيل ڏاهري پاران هر صورت ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان

دولتپورصفن ( ن ع آ)  فيبروريءَ جي حوالي سان ٿيندڙ اليڪشن پي ايس 39 تي پيپلز پارٽي اختلافن جو شڪار بڻيل نظر اچي رھي آھي ، اميدوار طور بيٺل ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي پ  پ اڳواڻ سردار محمد اسماعيل ڏاهري ڏاهري هائوس دولتپورصفن ۾ جلسو منعقد ڪيو جتي پي ايس 39 جي مختلف برادرين جي هزارين ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، پروگرام ۾ آيل ، مختلف برادرين جي اڳواڻن سيد شمن شاھ ، شمن علي جسڪاڻي ، علي مراد ڏاهري ، حاجي هارون بگو ، روشن سومرو ، منٺار ڏاهري ، محسن خان ڏاهري ، محبوب علي کوکر ، محمد حنيف لاشاري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته  پي ايس 39 جي اميدوار سردار محمد اسماعيل ڏاھري تي اسان مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيون ٿا ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اعلىٰ قيادت کان مطالبو ڪريون ٿا ته سردار محمد اسماعيل ڏاھري کي ٽڪيٽ ڏني وڃي ته  ھو پي ايس 39 جي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪري سگھي، جڏهن ته ان کان پوءِ پي ايس 39 جي اميدوار سردار محمد اسماعيل ڏاھري جن جلسي ۾ ويٺل عوام کي خطاب ڪندي ۽ آصف علي زرداري سان مخاطب ٿيندي روئي ڏنو ، هن چيو ته ٽڪيٽ منھنجو حق آهي ۽ پيپلز پارٽي ۾منھنجون خدمتون ۽ قربانيون سرعام منظر عام تي آھن ۽ ٽڪيٽ منھنجو حق آهي، جيڪڏهن ٽڪيٽ نٿي ملي ته پوءِ به جيئي ڀٽو جي نعري سان اليڪشن ۾ حصو ضرور وٺبو ۽ پنھنجي تڪ جي عوام جي ساھ جي آخري گھڙين تائين خدمت ڪندس ۽ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ جيڪي به نوڪريون ، ترقياتي ڪمن سميت جيڪا به شيء ملندي، ڪميٽي جوڙي ان جي اڳيان رکندس ۽ ان ڪميٽيءَ جي فيصلي موجب ميرٽ تي عوام ۾ اُھي شيون ڏيندس، ان کان پوءِ وڌيڪ موقعو مليو ته پنھنجي تڪ پي ايس 39 کي بھتر کان بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ عوام جي ڏکن سورن ۾ گڏ رھندس ، واضح رهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر بھادر خان ڏاھري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.