عام چونڊون اٺ فيبروريءَ تي ئي ٿينديون، نگران سرڪار واضح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن لاءِ حالتون ماضي کان وڌيڪ خراب نه آهن، هن وقت نگران وزيراعظم يارنهن وزارتن جو انچارج آهي، گهرو وزارت به وزيراعظم وٽ ئي آهي.
اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ جي ميمبر نثار دراني سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊون اٺ فيبروريءَ تي ئي ٿينديون، اسان ان کان به وڌيڪ خراب حالتن ۾ اليڪشن ٿيندي ڏٺي آهي.
هن چيو ته چونڊن لاءِ حالتون ماضي کان وڌيڪ خراب نه آهن، هن وقت حالتون 2008ع ۽ 2013ع کان بهتر آهن.


سندس چوڻ هو ته جنهن ڏينهن کان حلف کنيو آهي تنهن ڏينهن کان اليڪشن ڪميشن سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، چونڊ سرگرميون سياسي جماعتن جي اميدوارن جي اعلان کانپوءِ شروع ٿينديون، سمورين پارٽين کي چونڊ مهم هلائڻ جي آزادي آهي.
انٽرنيٽ سروس بابت سندس چوڻ هوته انٽرنيٽ سروس جا مسئلا ٽيڪنيڪي آهن، نگران حڪومت کان اڳ به انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.