ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري، 30 نيون بسون اچي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين لاءِ پيپلز بس سروس جي ٻيڙي ۾ وڌيڪ 30 نيون بسون شامل ڪيون ويون، نين بسن جو افتتاح نگران وڏي وزير مقبول باقر ڪيو.
افتتاحي تقريب ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، اطلاعات واري وزير احمد شاهه ۽ گهرو وزير حارث نواز به شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير جي موجودگي جو فائدو وٺندي درخواستون ڪرڻ چاهيندس، ريڊ لائن جي حوالي سان شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، وزيراعظم کي درخواست آهي ته ريڊ لائن منصوبو جلد مڪمل ڪرائي، جڏهن ته وڏو وزير ان حوالي سان وفاق سان ڳالهائي.
ان کان اڳ مرتضيٰ وهاب ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي موجوده ٻيڙي ۾ 30 هائبرڊ ڊيزل بسون شامل ڪيون وينديون، شهر ۾ 50 اليڪٽرڪ بسون به آپريشنل ڪيون وينديون.
هن چيو ته پ پ شهرين سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، پبلڪ ٽرانسپورٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.