اتر وزيرستان ۾ فائرنگ، آزاد اميدوار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ فائرنگ سان صوبائي اسيمبلي جي آزاد اميدوار ملڪ ڪليم الله سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب فائرنگ جو واقعو تپي ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي ملڪ ڪليم الله کي چونڊ مهم دوران نشانو بڻايو ويو.
پوليس ٻڌايو ته ملڪ ڪليم الله صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 104 تان آزاد اميدوار هو، مارجي ويلن جا مڙهه اسپتال نيا ويا.
پوليس موجب ملڪ ڪليم الله ڪجهه عرصو اڳ بم ڌماڪي ۾ زخمي به ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.