اُهي خاصيتون جيڪي اوهان کي اسٽرابيري کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون!

اسٽرابيري اهڙو ميوو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ خوبصورت هوندو آهي ۽ ذائقي جي لحاظ سان به بهترين هوندو آهي.

ڪجهه مقدار ۾ اسٽرابيريز کائڻ سان پروٽين، ڪاربوهائڊريٽس، غذائي فائبر، ڪيلشيم، آئرن، ميگنيشيم، فاسفورس، پوٽاشيم، وٽامن سي، فوليٽ ۽ وٽامن اي جسم کي ملندي آهي.

ان کانسواءِ اِهو ميوو ڪيميائي نباتاتي مرڪبن سان به ڀرپور هوندو آهي جنهن سان صحت کي فائدو ٿيندو آهي ۽ مختلف مرضن جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

ان ميوي جا ڪجهه فائدا هيٺ بيان ڪجن ٿا.

دل جي مرضن کان تحفظ

اسٽرابيري ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس سان دل جي مرضن کان تحفظ ملي سگھي ٿو.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ان ميوي ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس سان هارٽ اٽيڪ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

ان ميوي جي سوڄ ختم ڪندڙ خاصيتن جي ڪري به دل جي مرضن جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

اسٽرابيري ۾ موجود پوٽاشيم سان هاءِ بلڊ پريشر جو خطرو گھٽبو آهي جنهن سان به دل جي صحت کي فائدو ٿيندو آهي.

فالج جو خطرو گھٽائي

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته فليونوئڊز نالي مرڪبن سان فالج جو خطرو گھٽبو آهي.

اهي مرڪب اسٽرابيري ۾ به موجود هوندا آهن ۽ انهيءَ ڪري اهو ميوو کائڻ سان فالج جو خطرو گھٽ ٿي سگھي ٿو.

ڪينسر کان بچاءَ لاءِ به فائديمند

اسٽرابيري ۽ ٻين بيريز ۾ موجود غذائي مُرڪبن سان ڪينسر جي مخصوص قسمن کان بچڻ ۾ امڪاني مدد ملي سگھي ٿي.

تحقيق رپورٽن موجب اسٽرابيري يا ٻين بيريز کي کائڻ سان ڦڦڙن، مثاني، جيري ۽ لبلبي جي ڪينسر کان بچڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو.

ان حوالي سان هيل تائين ڪيل تحقيقي ڪم جانورن تي ٿيو آهي تنهنڪري انسانن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

بلڊ پريشر جي سطح گھٽائي

اسٽرابيري ۾ موجود پوٽاشيم سان هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار ماڻهن کي فائدو ٿي سگھي ٿو.

اِهو غذائي جُز نمڪيات سان جسم تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي روڪٿام ڪندو آهي.

پوٽاشيم سان ڀرپور غذائن جي استعمال سان بلڊ پريشر جي سطح ۾ گھٽتائي ايندي آهي جنهن سان دل جي دوري ۽ فالج جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

قبض ختم ڪري

فائبر سان ڀرپور هجڻ سبب اسٽرابيري قبض جهڙي عام ۽ تڪليف ڏيندڙ مسئلي کان به بچائڻ لاءِ بهترين ميوو آهي.

شگر ٽائيپ 2 کان بچائي

ان ميووي ۾ موجود پولي فينولز نالي مرڪب سان صحتمند ماڻهن ۾ انسولين جي حساسيت بهتر ٿيندي آهي جنهن سان بلڊ شگر جي سطح ۾ اضافي جو طرو گھٽ هوندو آهي.

ان سان گڏوگڏ اسٽرابيري کائڻ سان گلوڪوز جي ٻين قسمن کي به ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

سنڌن جي تڪليف ۾ گھٽتائي آڻي

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته سوڄ ختم ڪندڙ خاصيتن سبب اسٽرابيري کائڻ سان سنڌن جي تڪليف ۾ گھٽتائي ايندي آهي.

ان ميوي کي کائڻ سان گوڏن جي تڪليف ۽ سوڄ ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي.

کَلَ کي تحفظ

اسٽرابيري سوڄ ختم ڪندڙ ميوو آهي جنهن سان کَلَ کي نقصان پهچڻ کان بچائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته وٽامن وٽامن سي سان ڀرپور ميوا جهڙوڪ اسٽرابيري سان سوڄ جي ان قسم جي گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي جيڪا موهيڙن جو سبب بڻبي آهي.

اهڙيءِ طرح اسٽرابيري کائڻ سان جسم کي اُهي وٽامنز ۽ ٻيا غذا جُزن ملن ٿا جيڪي کَلَ جي لچڪ ۽ نميءَ کي بهتر بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.

دماغي صحت بهتر ٿيندي آهي

تحقيق رپورٽن مان ثابت ٿي و آهي ته اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور ميوا جهڙو اسٽرابيري ۽ بلو بيري کائڻ سان عمر وڌڻ سان گڏ ٿيندڙ دماغي ڪمزوريءَ جي رفتار سست ٿي ويندي آهي.

رپورٽن موجب اهڙا ميوا کائڻ سان الزائمر مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽبو آهي.

ماهرن جي خيال ۾ اسٽرابيري جون سوڄ ختم ڪندڙ خاصيتون دماغ کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪنديون آهن.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.