علي ظفر جي شروع کان وڏي مداح رهي آهيان: شريا گهوشال

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي گلوڪارا شريا گهوشال ۽ موسيقار وشال مشرا ناليواري پاڪستاني گلوڪار علي ظفر جو مقبول گيت ”جهوم“ پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرائيندا.
شريا گهوشال سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته مان شروع کان علي ظفر ۽ ان جي خوبصورت گاني ”جهوم“ جي وڏي مداح رهي آهيان.
هن چيو ته اهو گانو منهنجي دل جي گهڻو ويجهو آهي، تنهن ڪري مان وشال مشرا سان گڏ فلم ”ڪرڪ“ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ”جهوم“ ٻڌائڻ جو انتظار نٿي ڪري سگهان.
شريا جي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي علي ظفر سندس ٿورا مڃيا ۽ لکيو ته توهان پاڻ اسان جي دور جي سڀ کان متاثر ڪندڙ ۽ مشهور گلوڪارن مان هڪ آهيو.
علي ظفر چيو ته مان توهان جي ۽ وشال مشرا جي آواز ۾ جهوم ٻڌڻ لاءِ انتظار نٿو ڪري سگهان، اميد ته توهان ان سان انصاف ڪندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.