ويرات ڪوهلي افغانستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ چيو آهي ته افغانستان خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين مقابلي ۾ ذاتي مصروفين جي بنياد تي ويرات ڪوهلي دستياب نه هوندو.
ويرات ڪوهلي ۽ ڪپتان روهت شرما جي ڊگهي وقفي کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي آهي، ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي موهالي کيڏي ويندي.
راهول ڊريوڊ جو چوڻ آهي ته ويرات ڪوهلي ٻي ۽ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽيم جو حصو هوندو.
ياد رهي ته ويرات ڪوهليءَ ۽ روهت شرما پنهنجي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 2022ع ۾ آسٽريليا ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ ۾ کيڏي هئي، جنهن ۾ ڀارت کي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ هٿان شڪست جون منهن ڏسڻو پيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.