سنڌ ۾ ٽورازم پوليس يونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سياحت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سياحت کاتي قدم کڻندي ٽورازم پوليس يونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ جي سياحت واري نگران وزير ارشد ولي محمد پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽورازم پوليس يونٽ ٺاهڻ جو مقصد سنڌ کي محفوظ سياحتي ماڳ طور متعارف ڪرائڻ آهي.
سياحت کاتي جي سيڪريٽري خالد چاچڙ چيو ته ٽورازم جي پوليس اهلڪارن کي ان حوالي سان تربيت ڏني ويندي، گهرو کاتي کي درخواست ڪئي آهي ته سنڌ جي اهم سياحتي ماڳن تي پوليس اهلڪار مقرر ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.