ن ليگ جي قومي اسيمبلي سيٽ لاءِ اميدوار تي قاتلاڻو حملو

تربت (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر تربت ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ اڳوڻو سينيٽر ۽ ن ليگ طرفان قومي اسيمبلي اميدوار اسلم بليدي زخمي ٿي پيو.
ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ حسين جان موجب تربت شهر ۾ مين روڊ تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسلم بليدي زخمي ٿي پيو، هو اين اي 258 تان چونڊ وڙهي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته اسلم بليدي اڳوڻو صوبائي وزير ۽ سينيٽر به رهيو آهي.
فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ اسلم بليدي کي اسپتال نيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.