سائنسدانن جي نئين ايجاد، مرضن جو پتو لڳائڻ سولو ٿي ويو

ظاهري طور تي معمولي نطر ايندڙ اِها ڊوائيس اوهان کي صحتمند رکڻ لاءِ بهترين ثابت ٿي سگھي ٿي.

لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو (سي اِي ايس) دوران Withings نالي ڪمپني ”بيم او“ نالي ڊوائيس متعارف ڪرائي.

اها ”فور اِن ون“ ملٽي اسڪوپ آهي ان ڊوائيس ۾ اِي سي جي (ايڪو ڪارڊيو گرافي)، آڪسي ميٽر، اسٽيٿو اسڪوپ ۽ ٿرماميٽر جي خاصيتن کي گڏايو ويو آهي.

ڪمپني موجب هن وقت گھر ۾ رڳو جسماني پاري جو جائزو ورتو ويندو آهي پر ”بيم او“سان بنيادي وائٽل سائنز جو جائزو گھر ۾ وٺي سگھجي ٿو.

ان ڊيٽا سان گڏيل صحت جو جائزو وٺي سگھجي ٿو يا ڪنهن مرض جي تنبيهي علامتن جي خبر پئجي سگھي ٿي.

Withings BeamO may be CES 2024's coolest health gadget | Digital Trends

ڪمپني ٻڌايو ته ان ڊوائيس سان ماڻهن کي گهر ۾ رهندي ئي اُهي ٽيسٽون ڪرڻ جو موقعو ملندو جن لاءِ ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو ويندو آهي.

ان ۾ لائٽ ويو سينسر ۽ acoustic information کي استعمال ڪري رت جي وهڪري کي ڏٺو ويندو آهي ۽ گرمي پد سان رت ۾ آڪسيجن جي مقدار جو تعين ڪيو ويندو آهي.

اهڙيءَ طرح دل جي ڌڙڪي جي رفتار جو جائزو اِي سي جي سان ورتو ويندو آهي.

واهپيدار ان ڊوائيس کي ٿورو دٻائي پنهنجو معائنو ڪري سگھي ٿو.

ڊوائيس کي دٻائڻ سان ڪلر ايل اِي ڊي اسڪرين نظر ايندي آهي جڏهن ته ان ۾ موجود ٿرموسينسر ٽيڪنالاجي سان جسماني پاري کي جاچيو ويندو آهي.

Withings unveils BeamO 4-in-1 'disruptive' multiscope with Apple Health  support - 9to5Mac

ڪمپني جو چوڻ هو ته ان ڊوائيس سان هڪ منٽ ۾ جسماني گرمي پد، دل ۽ ڦڦڙن جي صحت جو جائزو وٺي سگھجي ٿو جڏهن ته بخار، انفيڪشن، دل جي ڌڙڪي جا مسئلا ۽ ٻين جي خبر پئجي سگھي ٿي.

في الحال ان ڊوائيس کي وڪري لاءِ پيش نه پيو ڪيو وڃي پر يو ايس فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن کان ان جي استعمال جي منظور حاصل ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.