پي ايس ايل 9 جا نشرياتي حق 6 ارب 30 ڪروڙ رُپين ۾ وڪرو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جا نشرياتي حق ڇهه ارب ٽيهه ڪروڙ رُپين ۾ وڪرو ٿي ويا.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن لاءِ اي اسپورٽس ڇهه ارب ٽيهه ڪروڙ رُپين جي ڳُري ٻولي لڳائي نشرياتي حق خريد ڪري ورتا.
ٽين اسپورٽس پنج ارب اٺاويهه ڪروڙ رُپين جي ٻولي لڳائي، پي ٽي وي پي ايس ايل حق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنج ارب پنجويهه ڪروڙ جي ٻولي لڳائي جڏهن ته اي اسپورٽس ڇهه ارب ٽيهه ڪروڙ جي ٻولي لڳائي ميدان ماري ورتو.
ڪنهن به چئنل اي اسپورٽس کان وڌيڪ ٻولي لڳائڻ کان پاسو ڪيو، اهڙي ريت اي اسپورٽس پي ايس ايل جا ٻن سالن لاءِ نشرياتي حق خريد ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.