اوپو آءِ فون ۽ سام سنگ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ ٻه نوان فون متعارف ڪرائي ڇڏيا

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني اوپو ۽ نئين سال جو پهريون آءِ فون ۽ سام سنگ جي ٽڪر جو موبائيل فون پيش ڪري ڇڏيو.
اوپو اڳ ئي بهترين ڪيمرائن وارا فون متعارف ڪرائڻ جي ڪري مشهور آهي ۽ هاڻي ڪمپني اوپو فائنڊ ايڪس 7 الٽرا کي چئن بيڪ ڪيمرائن سان گڏ پيش ڪيو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪمپني اوپو فائنڊ ايڪس 7 کي ٽن بيڪ ڪيمرائن سان گڏ متعارف ڪرايو آهي.
ڪمپنيءَ اوپو فائنڊ ايڪس 7 جي بيڪ تي ٻه ڪيمرائون 50 ميگا پڪسل جڏهن ته هڪ ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي ڏني آهي.
ان فون ۾ 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ ان کي 82-6 انچن جي اسڪرين سان پيش ڪيو ويو آهي.
فون کي اينڊرائڊ 14 آپريٽنگ سسٽم، 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 100 واٽ جي چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فون کي 12 ۽ 16 جي بي ماڊل ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي قيمت ترتيبوار هڪ لک 80 هزار هڪ لک 97 هزار روپين تائين رکي وئي آهي.
اهڙيءَ طرح ڪمپني اوپو فائنڊ ايڪس 7 الٽرا کي چئن بيڪ ڪيمرائن سان گڏ متعارف ڪرايو آهي.
موبائيل جي بيڪ تي چارئي ڪيمرائون ترتيبوار 50 ميگا پڪسل جون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
ان فون کي به 82-6 جي اسڪرين، اينڊرائڊ 14 جي آپريٽنگ سسٽم، 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 100 واٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ان کي به 12 ۽ 16 جي بي ماڊلز ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي قيمت ترتيبوار 2 لک 36 هزار ۽ 2 لک 75 هزار روپيا رکي وئي آهي.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ٻنهي فونز کي رڳو 26 منٽن ۾ زيرو کان 100 سيڪڙو چارج ڪري سگھجي ٿو ۽ ان ۾ سوني ٽيڪنالاجي جون ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، پر واهپيدارن انهن کي مهانگو قرار ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.