آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف پنج ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جي امڪاني بيٽنگ آرڊر جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
آڪلينڊ ۾ ٽريننگ سيشن دوران جارح مزاج اوپنر صائم ايوب ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان نئين بال سان پريڪٽس ڪئي، جنهن مان تاثر ملي رهيو آهي ته سيريز دوران ٻئي ڪرڪيٽرز ئي اننگز جي شروعات ڪندا.
ان کان اڳ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ اننگز جي شروعات ڪري رهيا هئا.
پريڪٽس سيشن دوران پاڪستاني بالرن ڪپتان شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ زمان خان محمد رضوان ۽ صائم ايوب کي نئين بال سان بالنگ ڪئي، جڏهن ته بابر اعظم اسپن خلاف بيٽنگ ڪندي نظر آيو، بابر اعظم ۽ فخر زمان جي ٽين ۽ چوٿين پوزيشن سنڀالن جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ اعظم خان بيٽنگ آرڊر ۾ پنجين نمبر تي هوندو جڏهن ته افتخار احمد ڇهين نمبر تي فائر پاور فراهم ڪندو، پر صورتحال موجب افتخار ۽ اعظم خان جي پوزيشنز ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي.
You might also like