گهر ويٺي ڊوميسائل ٺهرائڻ لاءِ اي ڊوميسائل نظام متعارف

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ عوام جي سهولت لاءِ ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ جو آن لائن نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو.
متعارف ڪرايل اي ڊوميسائل نظام تحت هاڻ ڪو به شهري گهر ويٺي موبائل يا ڪمپيوٽر تي ويب سائيٽ cfc.kp.gov.pk تي وڃي ڊوميسائل لاءِ درخواست ڏيندو ۽ گهربل دستاويز لڳائيندو، درخواستگذار نادرا وڃي پنهنجون فنگر پرنٽس ڏيندو، ائين حڪومت وٽ درخواستگذار جي ڊيٽا محفوظ ٿي ويندي.
اي ڊوميسائل جي سهولت سان جتي شهرين کي نه آفيسن ۾ ڊگهو انتظار ڪرڻو پوندو، اتي ئي انهن کي ڳري سفري خرچ کان به ڇوٽڪارو ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.