ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس حادثي جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس کي پڊعيڊن ڀرسان حادثو پيش آيو.
ڪراچي کان مسافرن کي کڻي ويندڙ شاليمار ايڪسپريس لاهور ڏانهن وڃي رهي هئي ته پڊعيدن ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي.
ذريعن موجب ڪوٽ لالو ڀرسان شاليمار ايڪسپريس جي هيٺين ٽرالي ٽريڪ تي ڪِري پئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرين جي رفتار گهٽ هجڻ سبب ڪو وڏو حادثو نه ٿيو ۽ ٽرين کي فوري طور روڪيو ويو، جڏهن ته خرابي جو شڪار بوگين کي شاليمار ايڪسپريس سان لڳائي روانو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.