40 قسمن جا کاڌا ۽ اي سي: پاڪستاني ٽرين ۾ ايڏيون سهولتون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ريلوي کاتي ٽرين جو سفر ڪندڙن کي بهترين سهولتون ڏيڻ کي نظر ۾ رکندي پريميئم لائونج ڊائننگ ڪار متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.

ريلوي عملدارن موجب پاڪستان ريلويز پريميئم لائونج ڊائننگ ڪار (بوگي) شروع ڪئي آهي جيڪا شروعاتي طور تي بهاءُالدين زڪريا ايڪسپريس جي مسافرن لاءِ هوندي.

جديد ترين ڊائننگ ڪار ۾ 45 مسافرن جي ويهڻ جي جاءِ آهي جڏهن ته 40 قسمن جي کاڌن تي ٻڌل هڪ مينو رکيو ويو آهي.

سي اي او ريلوي جو چوڻ هو ته پريميئم لائونج جو مقصد مسافرن کي سندن ٽرين جي سفر دوران هڪ پرسڪون سفر ۽ سٺو کاڌو فراهم ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.