دنيا جي پهرين وائرليس ٽرانسپيرنٽ ٽي وي، سهولتون ڄاڻي دنگ رهجي ويندا

ڇا اوهان ڪڏهن خواهش ڪئي آهي ته ٽيلي ويزن ( ٽي وي ) بند ٿيڻ تي ڪنهن فش ايڪوريم جو ڪم ڪري؟ جيڪڏهن ها ته هاڻي اِهو خواب پرو ٿي ويو آهي.
دنيا جي پهرين اهڙي ٽي وي متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا وائرليس هئڻ سان گڏوگڏ ٽرانسپرنٽ به آهي، جڏهن اوهان ٽي وي نه ڏسندا ته اِها ڪنهن شيشي جيان ٽرانسپيرنٽ ٿي ويندي جڏهن ته ان کي هلائڻ لاءِ ڪنهن تار جي ضرورت ناهي.
ايل جي ان ٽي وي کي لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو ( سي اي ايس ) جي موقعي تي متعارف ڪرايو.
ڪمپني موجب، هيءَ دنيا جي پهرين وائرليس ٽرانسپيرنٽ ۽ ايل اي ڊي ٽي وي آهي جيڪا ” فور ڪي “ ريزولوشن سان ليس آهي.
ٽي وي ۾ آڊيو ۽ وڊيو هلائڻ لاءِ وائرليس ٽرانسميشن ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
ڪمپين موجب، ٽي وي ۾ هڪ نئون پراسيسر استعمال ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪارڪردگي ماضي جي پراسيسرز کان چئوڻ تي بهتر آهي.
ستهتر انچ اسڪرين واري هي ٽي وي آل ويز آن ڊسپلي فيچر ذريعي تصويرون ۽ وڊيوز نشر ڪري سگهي ٿي.
جڏهن اوهان ٽي وي بند ڪندئو ته اسڪرين تي ڊجيٽل فش ايڪوريم، باهه لڳڻ يا ٻيا ڊجيٽل آرٽ جا نمونا ظاهر ٿيندا آهن.
جيڪڏهن اوهان بند اسڪرين تي ڪجهه نٿا ڏسڻ چاهيو ته وڏي بليڪ اسڪرين جي بدران ٽي وي ٽرانسپيرنٽ ٿي شيشي جي صورت اختيار ڪري پنهنجي پٺيان جو منظر ڏيکارڻ لڳندي آهي.
ڪمپني موجب، جيئن ته هي ٽرانسپيرنٽ ٽي وي آهي اوهان ان کي ڪنهن به ڪمري جي ماحول جو حصو بڻائي سگهو ٿا.
فلحال ان ٽي وي جي قيمت يا موجودگي بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو پر ڪمپني موجب، هلندڙ سال ڪنهن به وقت واهپيدارن لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.