بصر جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، ڇرڪائيندڙ سبب سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان بصر جي برآمد تي پابندي کانپوءِ پاڪستاني برآمد ڪندڙ صورتحال جو فائدو کڻندي ناڻو ڪمائڻ ۾ مصروف آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عام شهري متاثر ٿي رهيا آهن، ڇو ته مقامي سطح تي بصر 240 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي.
رپورٽ موجب ڀارت 8 ڊسمبر 2023 کان مارچ 2024 تائين برآمدن تي پابندي لاڳو ڪئي، جنهن کانپوءِ مقامي مارڪيٽ ۾ اوچتو بصر جو اگهه 120 کان 140 رپيا في ڪلو مان وڌي 160 کان 240 رپين تائين ٿي ويو، جنهن جو سبب برآمد ڪندڙن طرفان وڏي پئماني تي خريداري ڪرڻ آهي، نتيجي ۾ عام شهري مهانگي اگهه تي بصر خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ ڪابل کان ايندڙ محدود بصر به برآمد ڪندڙ خريد ڪري رهيا آهن ته جيئن وڏي برآمدي طلب کي پورو ڪري سگهن.
ڀارت ملڪ ۾ بصر مهانگو ٿيڻ سبب برآمدن تي پابندي هنئي ۽ شهرين کي رليف مليو پر جيستائين نئين دهلي جي پابندي ختم ٿئي، پاڪستاني برآمد ڪندڙ ان جو ڀرپور فائدو کڻي رهيا آهن.
فلاحي انجمن هول سيل ويجيٽيبل مارڪيٽ سپر هاءِ وي جي صدر حاجي شاهجهان دعويٰ ڪئي ته برآمد ڪندڙ اعليٰ معيار جو بصر خريد ڪري رهيا آهن، ڇو ته عرب ملڪن ۽ دبئي ۾ ان جي طلب وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.