واءِ فاءِ 7 جو دور شروع، ڪهڙا فيچرز ۽ فائدا هوندا؟

وائرليس نيٽ ورڪس جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، واءِ فاءِ الائنس واءِ فاءِ سيون ڊيوائس کي سرٽيفائيڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
واءِ فاءِ الائنس موجب، وائرلس ڪميونيڪشن جو نئون ورجن موجودا اسٽينڊرڊ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو بهتر هوندو.
الائنس موجب، اِهو پهريون وائرليس ڪميونيڪيشن اسٽينڊرڊ آهي جو خاص طور تي 6 گيگا هرٽز بينڊ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
جيتوڻيڪ واءِ فاءِ 6 اسٽينڊرڊ به 6 گيگا هرٽز بينڊ کي سپورٽ ڪندو آهي پر هو ان فريڪوئنسي لاءِ تيار نه ڪيو ويو هو.
واءِ فاءِ سيون جنريشن ورجن واءِ فاءِ 6 ۽ 6 اي جي ڀيٽ ۾ نمايان حد تائين بهتر آهي جنهن جي انٽرنيٽ اسپيڊ چار ڀيرا وڌيڪ هوندي.
واءِ فاءِ 7 ۾ ليٽنسي ( هڪ نيٽ ورڪ کان ٻئي تائين سفر ڪرڻ لاءِ هڪ سگنل کي گهربل وقت ) کي به گهٽايو ويو آهي جڏهن ته گنجائش کي بهتر بڻايو ويو آهي.
واءِ فاءِ 7 جا ڪهڙا فائدا آهن؟
واءِ فاءِ سيون وڌيڪ تيز ترفار، وڌيڪ ڪنيڪشنز سپورٽ ۽ لو ليٽنسي پرفارمنس جهڙن فيچرز سان ليس وائرليس ڪميونيڪيشن اسٽينڊرڊ هوندو.
هي وڌيڪ هاءِ ڪواليٽي وڊيو ۽ ڪلائوڊ گيمنگ سروسز فراهم ڪري سگهندو جڏهن ته اي آر ۽ وي آر ڊيوائسز لاءِ بهتر هوندو.
انکانسواءِ وڌيڪ ڳتيل جاين تي به واءِ فاءِ سيون جي مدد سان بهتر سروس فراهم ڪرڻ ممڪن هوندو.
مڪن هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.