آر او جو فيصلو ڪالعدم، ذوالفقار مرزا جي پٽن جا نامزدگي ڪاغذ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽن حسنين ۽ حسام مرزا جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.
رٽرننگ آفيسر اين اي 223 مان اميدوار حسام مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا ۽ پي ايس 70 مان اميدوار حسنين مرزا جا نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا هئا، هنن نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪيو هو.
اليڪشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو آر او جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ سندن نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.