پرڏيهي ڪوچز خلاف آپريشن، مڪي آرٿر به پي سي بي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي ڪوچنگ اسٽاف کانپوءِ اڳوڻي ٽيم ڊائريڪٽر مڪي آرٿر به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ اڳوڻي ٽيم ڊائريڪٽر مڪي آرٿر وچ ۾ معاملا خير خوبيءَ سان طئي ٿي ويا ۽ هو به جلد پي سي بي کان رستا ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪندو.
گذريل ڏينهن هيڊ ڪوچ بريڊ برن به معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ پي سي بي سان معاهدو ختم ڪيو، بيٽنگ ڪوچ ايندريو پٽيڪ افغانستان بورڊ سان معاهدو ڪري پي سي بي کان علحيدگي اختيار ڪئي جڏهن ته بالنگ ڪوچ مورني مورڪل پهريان ئي استعيفيٰ ٰ ڏئي چڪو آهي.
ياد رهي ته گذريل سال ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي عالمي ڪپ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کانپوءِ پي سي بي مئنجمينٽ ڪميٽي پرڏيهي اسٽاف کي عهدن تان برطرف ڪري اڪيڊمي ۾ خدمتون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.