ڄام مهتاب نظرانداز، پ پ شهريار شر کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جيالي ڪارڪن کي وساري ڇڏيو، ڏهرڪي ۾ ڄام مهتاب ڏهر بدران شهريار شر کي ٽڪيٽ ڏني وئي.
پ پ ڏهرڪي مان ڄام مهتاب ڏهر کي نظرانداز ڪندي پارٽي ٽڪيٽ پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ شهريار شر حوالي ڪري ڇڏي، شهريار شر کي پي ايس 18 تان ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته شهريار شر 2018 جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو هو، هو 2021 ۾ تحريڪ انصاف ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو.
هوڏانهن گذريل چونڊن ۾ شڪست کي منهن ڏيندڙ ڄام مهتاب ڏهر ايندڙ عام چونڊون آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.