”بي جي پي رام مندر کي ڌماڪي سان اُڏائيندي، الزام پاڪستان ۽ مسلمانن تي لڳندو“

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) چونڊن ۾ کٽڻ لاءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي رام مندر کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو، جنتا دل پارتي جي اڳواڻ اجي ياديو دعويٰ ڪئي آهي ته رام مندر جي افتتاح جي موقعي تي مودي سرڪار بم ڌماڪو ڪندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اجي ياديو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته مودي جي جماعت ڀارتي جنتا پارٽي ( بي جي پي ) 22 جنوري 2024ع تي رام مندي جي افتتاح جي موقعي تي بم ڌماڪو ڪرائيندي ۽ الزام پاڪستان ۽ مسلمانن تي مڙهيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته امڪاني بم ڌماڪي سبب مذهبي ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته عوام جي ٽئڪس جي پئسي مان تعمير ٿيل رام مندر جو ڪريڊٽ بي جي پي کڻي رهي آهي.
واضح رهي ته 22 جنوري 2024ع تي رام مندر جي افتتاح تي نريندر مودي کي خاص مهمان طور شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
ياد رهي ته ڀارتي پوليس خبردار ڪيو آهي ته رام مندر جي افتتاح جي موقعي تي ڌماڪو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، تهيار سنگهه ۽ اوم پرڪاش مشرا نالي ٻن ماڻهن يوڪي ادتيا ۽ رام مندر تي حملي جي ڌمڪي ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.