ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي فائيو اسٽار چورنگي ڀرسان 20 ورهين جي ناري عمارت جي 12هين ماڙ تان ڪِري فوت ٿي وئي.
افسوسناڪ واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته 20 ورهين جي اقرا نفسياتي مريض هئي، جنهن جو علاج به جاري هو، هوءَ شادمان ٽائون جي رهواسڻ آهي ۽ پنهنجي پڦيءَ جي گهر آيل هئي.
پوليس موجب اقرا عمارت جي 12هين ماڙ تان ڪِري فوت ٿي، هن 6 مهينا اڳ آپگهات جي ڪوشش به ڪئي هئي.
You might also like