ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀتا خوري شروع ٿي وئي آهي، جنهن واپارين ۽ صنعتڪارن کي خوفزده ڪري ڇڏيو، ڊسمبر جي مهيني ۾ ڀتا خوري جا 11 ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته گذريل سال ڀتا خوري جا 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته هڪ مهيني ۾ 3 واپاري قتل ٿيا، ڪراچي پوليس امن امان کي بهتر بڻائڻ جون دعوائون ڪندي آهي پر عملي طور تي شهر قائد جي پوليس اسٽريٽ ڪرائم جي جنن کي بوتل ۾ آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، واپاري ۽ صنعتڪار به ڀتا خوري کان پريشان آهن، ڀتا خورن جي منظم نيٽ ورڪ مهيني ۾ 3 واپارين کي ڀتا نه ڏيڻ تي قتل ڪري ڇڏيو، ڀتا خورن جو نيٽ ورڪ ايران ۽ افغانستان مان هلي رهيو آهي، جنهن کي ٽوڙڻ لاءِ سنڌ پوليس ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، ڪراچي جي شهر ضلعي جي مصروف ترين بازار ٽمبر مارڪيٽ ۾ اسٽيل جي واپاري شهزاد جعفراڻي کي گذريل ڏينهن فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، دعويٰ ڪئي وئي آهي ته قتل ۾ ملوث گينگ وار جو ميمبر پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سينٽرل ضلعي گبول ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ واپاري جي پٽ کي به قتل ڪيو ويو، نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ سليم مون جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس پٽ اسامه مون مارجي ويو، پوليس ذريعن موجب ڀتا ڏيڻ واري تڪرار تان ڪپڙي جي واپاري سليم مون جي ڪار تي فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ سندس پٽ مارجي ويو، خوفزده واپاري واقعي جو ڪيس به داخل نه ڪرايو، جنهن بعد حڪومت جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس مالڪ کان 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪندڙ جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ رنگ سازي جي ڪارخاني جي سٽيزن پوليس رابطا ڪميٽي (سي پي ايل سي) جي رپورٽ موجب ڊسمبر جي مهيني ۾ ڀتا خوري جا 11 ڪيس سامهون آيا، پرچيون وصول ڪندڙ واپاري حراس جو شڪار آهن، ان ڪري هو پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندر ادارن سان رابطو نٿا ڪن.