اسلام آباد(م ڊ) نيشنل پارٽي جي سينيٽر طاهر بزنجو چيو آهي ته ماضي مان سبق سکڻ بدران نيرو بادشاهه واري بانسري وڄائي رهيا آهن،هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته ملڪ جا حڪمران ۽ پاليسي ٺاهيندڙ پيدائشي نابينا آهن، انهن کي ڪجهه به نظر نٿو اچي، اسلام آباد ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي جي جواب ۾ سرڪاري ڪئمپ لڳائڻ معاملن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائيندي،ذميوار جوابي بيانيو تراشڻ ۽ لاپتا ماڻهن جي معاملي تي فرار جي راهه اختيار ڪرڻ بدران وارثن کي انصاف فراهم ڪن، اسلام آباد پريس ڪلب ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ڪئمپ لڳائڻ افسوسناڪ آهي