اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڻ کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم چوندڙ گهران نه پيو نڪري، هنن چونڊن ۾ به ايتري گڙٻڙ ٿي رهي آهي، جيتري ماضي ۾ ٿيندي رهي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چاهيون ٿا ملڪ ۾ جمهوري نظام ۾ بهتري اچي، اسان اڄ تائين تاريخ مان سبق نه سکيو، نواز شريف به ماضي مان سبق وساري چڪو آهي، پي ٽي آءِ کي به گهرجي ته ماضي مان سبق سکي. هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ اهڙو ماحول ٺاهيو هو ته ڪنهن کان سياسي انتقام نه ورتو وڃي، اسان جي دور ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هو، ادارن ۾ مداخلت ۽ سياست نه ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ پنهنجي جماعت کي بند گهٽي ۾ ڌڪيو، مان پارليامينٽ ۾ چيو هو ته ائين نه ٿئي جو ملڪي سياست بند گهٽي ۾ هلي وڃي، نئين حڪومت جو مقصد اهو هوندو ته مخالفن کي جيل ۾ وجهڻو آهي ته ملڪ نه هلندو، سياستدان اها ئي سياست ڪندي ڪندي بزرگ ٿي ويا. سندس چوڻ هو نواز شريف کي اندازو آهي ته هو چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو پر جيڪڏهن ان کي يقين هجي ها ته چونڊ مهم هلائي ها، سندس مُنهن لٿل آهي، نٿو لڳي ته هو وزيراعظم بڻجندو، ن ليگ جي مرضي آهي ته چونڊ مهم نه هلائي وڃي، انهن تاثر ڏنو ته سڀ ڪجهه انهن لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو چيو ته سپريم ڪورٽ تاحيات نااهلي جو فيصلو ڏنو آهي، پاڪستان جي جمهوريت کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته چئلينجن کي سياسي طور تي منهن ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڀٽو صاحب ڪڏهن به پاڪستان جي قومي سلامتي تي سمجهوتو نه ڪيو. نواز شريف چاهي يا نه پر چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون.نواز ليگ ٻڌائي ته چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءُ ڪيئن آيو.سينيٽ ۾ ن ليگ وٽ قيادت آهي. ليڊر آف هائوس جي اجازت کان سواءِ ڪيئن ٺهراءُ اچي سگهي ٿو. عمران پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو، هن سائفر لهرايو، ذوالفقار ڀٽي چيو هو ته قومي راز مون سان گڏ دفن ٿيندا، هن راولپنڊي ۾ سائفر نه لهرايو هو. چونڊن ۾ حصو وٺان ٿو، خواهش هوندي ته وزيراعظم ٿيان، سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان نواز ليگ تاثر ڏنو ته سڀ ڪجهه ان لاءِ ٿيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڀ تياري ڪري ڇڏين، ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون . سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو اميد ته ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ۾ پ پ کي انصاف ملندو، هي تاريخ درست ڪرڻ جو موقعو آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجون غلطيون مڃڻ گهرجن، اميد آهي ته چيف جسٽس ۽ ٻيا جج انصاف تي ٻڌل فيصلو ڪندا.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو اسان نٿا سمجهون ته اسان جي نظام ۾ ايتري شفافيت آهي جو ڪنهن کي ڦاهي جي سزا ڏني وڃي، هاڻ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ماضي ۾ ان کان تمام بُرو ٿيو آهي. ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي سوال تي سندس چوڻ هو ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، گڏيل قومن مان به ٺهراءَ پاس ڪرايو ته چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، چيف جسٽس جي ڳالهه ۾ وزن آهي يا ڪجهه سينيٽرن جي ڳالهه ۾، 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون، سڀ تياري ڪن ۽ ووٽ به وجهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان سڀني سياسي جماعتن جو مقابلو ڪري رهيو آهيان.