اليڪشن ڪميشن جانبدار آهي،بنگلاديش ۾ بائيڪاٽ جو نتيجو ڏسي ورتو: لطيف کوسو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسي چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس لڳل آهي اميد آهي ته  بيت جو نشان بحال ٿيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته آئين تي عمل ڪرائڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي. سپريم ڪورٽ کي ثبوت ۽ سي ڊيز جمع ڪرايون آهن. لطيف کوسي چيو ته پي ٽي آءِ جو نشان کسي سازش ڪئي وئي. اسان سڀ شڪايتون عدالت ۾ رکيو، هن   اليڪشن ڪميشن پاران  خدشا ختم ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا. آءِ جي ۽ انتظاميا 700 صفن جو جواب جمع ڪرايو. پي ٽي آءِ اڳواڻ  چيو ته اسان بنگلاديش ۾ بائيڪاٽ جو نتيجو ڏسي ورتو آهي. اسان 1985ع جو بائيڪاٽ  ڏسي ورتو آهي. هن چيو ته پارٽي کي ڪارنر ميٽنگ به نٿي ڪرڻ ڏني وڃي. لطيف کوسي چيو ته گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس لڳو آهي. اميد آهي ته بيٽ جو نشان  بحال ٿيندو. اسان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين، اسان وٽ هڪ متبادل پلان موجود آهي. هن چيو ته شاهه محمود قريشي کي جنهن نموني کنيو ويو. ان سان دنيا ۾ بدنامي ٿي.

پرويز الاهي۽ سندس زال چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار

راولپنڊي(م ڊ ) اليڪشن ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر جي نااهلي جو فيصلو برقرار رکندي   پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصره الاهي کي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ  انصاف جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصره الاهي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59 ۽ پنجاب اسيمبلي جي سيٽ پي پي 23 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو چيلينج ڪيو هو. اليڪشن ٽربيونل جي جج چوڌري عبدالعزيز ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو جنهن کي هاڻ ٻڌايو ويو آهي. اليڪشن ٽربيونل ٻنهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري آر او جو فيصلو برقرار رکندي چيو آهي ته ٻنهي تي اثاثا لڪائڻ، گهر واري جا پرڏيهي دورا ظاهر نه ڪرڻ جو اعتراض ثابت ٿيو هو. اعتراض ڪندڙن جو گوشوارن ۽ مختلف ڪمپنيز ۾ شيئر ظاهر نه ڪرڻ جو اعتراض به صحيح قرار ڏنو ويو ۽ ٻنهي تڪن لاءِ ڌار ڌار خرچن جا بينڪ اڪائونٽس به نه کولڻ جو اعتراض صحيح قرار ڏنو ويو. پرويز الاهي ۽ قيصره الاهي جي دستاويزن ۾ ٽيڪنيڪي غلطين ۽ اوٿ ڪمشنر کان تصديق نه ڪرائڻ جو اعتراض به صحيح قرار ڏنو ويو.

اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوان شهيد

 راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي  ڪندي هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ فوجي جوان به شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب فورسز موثر طريقي سان دهشتگردن جي ٿاڪ جو پتو لڳايو ۽ هڪ دهشگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو،شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ضلعي مردان سان تعلق رکندڙ 41 ورهين جو حوالدار محمد ظاهر بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ فورسز پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.