ڪي پي جي ضلعي ڪرم ۾ هٿياربند جي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪرم (م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرم ۾ اڻڄاتل ماڻهن پاران مسافر گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ايبٽ آباد جي  ايوب ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي سميت 4 ڄڻا مارجي ويا. واقعي خلاف علائقي واسين احتجاج ڪيو. ڪرم پوليس موجب فائرنگ جو شڪار ٿيل مسافر ڪوچ پارا چنار کان پشاور وڃي رهي هئي، جنهن جو ڊرائيور به مارجي ويو. هڪ ٻي گاڏي فائرنگ جي لپيٽ ۾ آئي، مجموعي طور تي 3 ڄڻا زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. هڪ اکين ڏٺي شاهد موجب لوئر ڪرم جي علائقي سده ۾ بائي پاس پل وٽ مسافر ڪوچ تي صبح 8 وڳي روڊ جي ٻنهي پاسن کان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، هڪ ٻئي اکين ڏٺل شاهد موجب اها فائرنگ ڏهن منٽن تائين جاري رهي. بظاهر مسافر ڪوچ کي نشانو بڻايو ويو پر ان سان گڏ ويندڙ ڪار کي به نشانو بڻايو ويو.پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مسافرن مان ڪنهن جو تعلق ڪرم ضلعي سان نه هو پر انهن ۾ اڪثريت سرڪاري ملازم هئا جيڪي موڪلن تي پنهنجي اباڻي علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا. ڪرم جي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل جي شاگردياڻي جي جنازي نماز ادا ڪري کيس دفنايو ويو آهي، ان دوران احتجاج پڻ ڪيو ويو. واقعي ۾ شاگردياڻي جو پيءُ ۽ ڀاءُ پڻ زخمي ٿي پيا. سندن دعويٰ آهي ته سده ڀرسان بائي پاس تي مسلسل بنگش قبيلي کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ماڻهو سفر نٿا ڪري سگهن، ضلعي ڪرم پوليس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. هاءِ وي کي محفوظ بڻايو ويندو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

ڪورنگي ۾ پوليس جي ڪارروائي، لينڊ مافيا جا 8 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) پوليس ڪورنگي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 17 ايڪڙ زمين تي قبضي جي ڪوشش ناڪام  بڻائيندي لينڊ مافيا جي 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪورنگي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ لينڊ مافيا جي هٿياربندن ڪورنگي ڪريڪ ڀرسان 17 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قبضا مافيا جي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،. جڏهن ته قبضو مافيا جو مين سربراھ ۽ ٻيا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ ڪامران عباس، عابد حسين، سيد نعمان، سبحان، رضوان، نويد احمد ۽ غلام حسين شامل آهن. ڪيس جي فريادي جو چوڻ آهي ته هٿياربند جوابدار شام 4 وڳي کان ساڍي 4 وڳي جي وچ ۾ ڪورنگي ڪريڪ تي واقع 17 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ پهتا ته هٿياربندن کيس يرغمال بڻائي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن بعد جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي پوليس موجب جوابدار خلاف ڪيس نمبر 22/2024 داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، لينڊ مافيا جي سربراهه سميت اهم جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته لينڊ مافيا جا اهلڪار بورڊ آف روينيو کاتي جي ملي ڀڳت سان جعلي دستاويز تيار ڪري زمينن تي ڏينهون ڏينهن قبضا ڪري رهيا آهن پر سنڌ جي نگران حڪومت ۽ پوليس قبضا مافيا آڏو بيوس نظر اچي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.