غزا تي اسرائيلي بربريت،وڌيڪ 113 فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) غزا تي اسرائيل جا حملا جاري آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج جي بمباري سبب 24 ڪلاڪن دوران 113 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري سبب 250 فلسطيني زخمي ٿيا آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين فلسطيني شهيدن جو انگ 22 هزار 835 ٿي ويو آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ 58 هزار 416 فلسطيني زخمي ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.