آمريڪا اسرائيل کي حزب الله سان جنگ ۾ ناڪامي بابت خبردار ڪري ڇڏيو:رپورٽ

ڪراچي (م ڊ) آمريڪا اسرائيل کي حزب الله سان گڏ جنگ ۾ ناڪامي کان خبردار ڪري ڇڏيو، آمريڪي صدر پنهنجي اهم ترين ساٿين کي  وچ اوڀر موڪليو آهي ته جيئن اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿي،هي دعويٰ آمريڪي روزانامه واشنگٽن پوسٽ هڪ رپورٽ ۾ ڪيو، رپورٽ ۾ آمريڪي دفاعي انٽيليجنس جي حوالي سان چيو ويو آهي ته آمريڪا اسرائيل کي حزب الله سان جنگ ۾ ناڪامي بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي، هي رپورٽ ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن اسرائيل جي طرفان چيو ويو ته ان جي طرفان لبنان ۾ هڪ وڏي فوجي آپريشن شروع  ٿي سگهي ٿي،رپورٽ موجب آمريڪي عملدارن کي خدشو آهي ته اسرائيلي وزيراعظ۾ بن يامين نيتن ياهو جي طرفان 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي ٿيندڙ تنقيد تي پنهنجي سياسي بقا جي لاءِ غزه ۾ جاري جنگ کي لبنان تائين توسيع ڏئي سگهجي ٿي، آمريڪي انتظاميا طرفان اسرائيل کي خبردار ڪيو ويو آهي ته جنگ کي لبنان تائين پکيڙڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، آمريڪي عهديدارن جي موجب امڪاني طور تي حزب الله  کان جنگ کٽڻ ۾ اسرائيل ڪامياب نه ٿيندو، اسرائيل جي فوجي صلاحيت گهٽ ٿي چڪي آهي، آمريڪي روز نامي سان جوبائيڊن انتظاميا جي هڪ درجن کان وڌيڪ عهديدارن ۽ سفارتڪارن ڳالهائيندي انهن خدشن جو اظهار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.