ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۽ عدالت کان مٿانهين قتلن خلاف هلندڙ تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ بلوچستان جي مختلف شهرن جيان ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي مظاهري ۾ پروگريسو يوٿ الائنس سميت سڄي بلوچستان مان شاگردن، نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ بلوچ لانگ مارچ جي احتجاجي تحريڪ سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.