بنگله ديش چونڊون: ”معاشي معجزو قرار ڏنل ملڪ هوريا هوريان ”آمريت“ ڏانهن ڪيئن وڌي پيو

ليکڪ: صحافي ڪيلي اين جي، اڪبر حسين

نور بشير جي روز جي آمدني رڳو 500 بنگلاديشي ٽڪه (تقريبن 1300 پاڪستاني روپيا) آهي. ان مان اڌ سندس خاندان جي 9 ماڻهن جي کائڻ پيئڻ تي لڳي ويندا آهن.

بنگلاديش ۾ ناڻي جي ڦهلاءَ جي شرح وڌڻ سان اها رقم به وڌيڪ گھٽجي سگھي ٿي.

43 سالن جو نور بشر مزدور آهي ۽ راڄڌاني ڍاڪا جي ڏکڻ ۾ 400 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود ڪاڪس بازار ۾ رهندو آهي.

هو چوي ٿو ته ماڻهو تمام ڏکيائيءَ ۾ آهن. جيڪڏهن آئون مڇي خريد ڪندو آهيان ته مصالحا خريد نه ڪري سگھندو آهيان، جيڪڏهن مصالحا خريد ڪندو آهيان ته چانور خريد نه ڪري سگھندو آهيان.

بنگلاديش جي آبادي 17 ڪروڙ آهي ۽ اهو ملڪ مهانگائيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ملڪ ۾ ترقي جي رفتاربيهجي وئي آهي ۽ موسمياتي تبديلين جو شڪار هيٺين ڊيلٽا ۾ سنگين چئلينجز جنم وٺي رهيا آهن.

پر آچر تي ٿيل چونڊون مان هتان جي اڳ کان نااميد ووٽرن کي وڌيڪ اميدون نه آهن.

نور بشر چوي ٿو ته منهنجو مقصد پنهنجي گھر وارن جو پيٽ پالڻ آهي. مون کي سياست سان ڪو غرض نه آهي ان سان منهنجي گھرڀاتين جو پيٽ ڀرجڻ وارو نه آهي. آئون سدائين اهو سوچيندو رهيو آهيان ته آئون ماڻهن کان ورتل قرض ڪيئن موٽائيندس.

ماهرن موجب شيخ حسينه جي سربراهي ۾ حڪومت ڪندڙ جماعت عوامي ليگ گذريل ڏينهن ٿيل چونڊن سان پنهنجي آمراڻي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته مرڪزي مخالف جماعت بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽيءَ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ان کان اڳ شيخ حسينه جي حڪومت پنهنجن هزارين سياسي مخالفن ۽ حامين کي گرفتار ڪيو هو. ان عمل کي انساني حقن جي تنظيمن تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ ان کي چونڊن کان اڳ مخالف ڌر کي مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو هو.

ڪيترن ئي ووٽرن جي نظر ۾ عوامي ليگ اليڪشن کٽي ورتي آهي ۽ هن وقت ڪي به اعتماد جوڳا اپوزيشن اميدوار نه آهن. گھڻن ماڻهن کي خطرو آهي ته شيخ حسينه جي تسلسل سان چوٿين معاشي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري سگھي ٿي.

بنگلہ دیش

چٽاگانگ ۾ هڪ سڪيورٽي گارڊ غياس الدين چيو ته مون کي چونڊن ۾ ڪا دلچسپي نه آهي. آئون ڇو پروراهه ڪريان؟ نتيجو ڀلي ڪو به اچي، منهنجي قسمت تبديل نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.