”پي ٽي آءِ جا روپوش ميمبر سرينڊر ڪرڻ تائين قانوني رنڊڪن کي منهن ڏيندا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته 9 مئي کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو روپوش آهن ۽ سرينڊر ڪرڻ تائين اهي قانوني رنڊڪن کي منهن ڏيندا.
پنهنجي بيان ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ به فوجي ٽرائل ٿي سگهي ٿو، اڃا تائين مون وٽ اهڙي ڪا ڄاڻ ناهي ته پي ٽي آءِ باني ذاتي طور 9 مئي واقعن ۾ ملوث آهي، راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ سمجهان ٿو ته اهو عدالتي عمل آهي.
هن چيو ته انٽيليجنس رپورٽون مختلف هونديون آهن، ان بنياد تي سزا مقرر نٿا ڪري سگهون، ڪيترائي ماڻهو 9 مئي واقعن کانپوءِ روپوش آهن، جيستائين قانون سامهون سرينڊر نه ڪندا ته انهن جي سياسي سرگرمين ۾ قانوني رنڊڪون اينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.